سلمه آغا

سلمه آغا

سلمه آغا

سلمه آغا: مشهور گلوڪاره ۽ فلمي اداڪاره، سلمه آغا، 25 آڪٽوبر 1966ع تي ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو. سندس ڪٽنب شروع کان وٺي انگلنڊ ۾ رهي ٿو. تنهنڪري سلميٰ آغا ابتدائي تعليم انگلنڊ مان حاصل ڪئي ۽ وڌيڪ تعليم لاءِ سوئٽزرلينڊ پڻ وئي، جتي سندس والد ڪاروبار جي سلسلي ۾ رهائش پذير هو. سلميٰ ننڍپڻ ۾ پنهنجي ڀيڻ سبينه سان گڏ هڪ اردو گيت ’ابا اينڊ آغا‘ ڳايو. ان بعد باقاعده موسيقيءَ جي سکيا ورتائين. اداڪاريءَ جو شوق به کيس شروع کان هو. 1990ع واري ڏهاڪي ۾ سندس پهرين فلم ’نڪاح‘ ڀارت مان رليز ٿي، جنهن ۾ سندس ڳايل غزل ’دل ڪي ارمان آنسؤن مين بهه گئي‘ وڏي شهرت ماڻي، جنهن تي کيس پِلي بئڪ سنگر جو فلم فيئر اوارڊ پڻ مليو. سندس ٻي فلم ’قسم پيدا ڪرني والي ڪِي‘ ۾ هن مٿن چڪروتي ۽ سميتا پٽيل سان گڏ ڪم ڪيو. ان بعد سلمه آغا کي پاڪستان فلم ڊائريڪٽرن جي آڇ ٿي، جن سريلنڪا، بنگلاديش ۽ نيپال جي پروڊيوسرن سان گڏ ڪجهه پراجيڪٽ ورتا هئا. سلمه آغا اردوءَ کان سواءِ بنگالي، راجسٿاني ۽ گجراتي ٻولين ۾ به گيت ڳائي اوارڊ حاصل ڪيا آهن. سلمه آغا پاڪستاني فلم ’بازار حسن‘ ۾ به بهترين اداڪاري ڪئي، جنهن تي روس ۾ کيس اوارڊ مليو.
سلمه آغا پهرين شادي اداڪار جاويد شيخ سان ڪئي، ان کان علحدگيءَ بعد سندس شادي اسڪوائش جي رانديگر رحمت خان سان ٿي، ان بعد اظهر بيگ سان سندس ٽي شادي ناڪام ٿي. اڄڪلهه هوءَ برطانيه ۾ رهي ٿي، کيس هڪ ڌيءَ ساشر آهي.


لفظ سلمه آغاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1956.10.25  عيسوي

مشهور گلوڪاره ۽ فلمي اداڪاره، سلمه آغا، 25 آڪٽوبر 1966ع تي ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اسد الله ڀٽو پروفيسر
حنيف ساگر بڙدي
ڀلي ڏنو ڀوڳائي
بکر فقير
نصير سومرو 1
چوئٿرام گدواڻي ڊاڪٽر
راجو خمره
سريچند پنجومل صابلاڻي
سيد محمد مبارڪ شاهه جيلاني ثاني
جاڙيجو جمعو درويش
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون